مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

غيرالله جي پيروي نه ڪيو

اِتَّبِعُوۡا مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکُمۡ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ وَ لَا تَتَّبِعُوۡا مِنۡ دُوۡنِہٖۤ اَوۡلِیَآءَ ؕ
قَلِیۡلًا مَّا تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۳﴾ (الاعراف: ۳)

(٣) (اي انسانو!) توهان جي پروردگار وٽان جيڪي اوهان ڏي موڪليو ويو آهي (يعني جيڪو منهنجو وحي اوهان کي منهنجو رسول ٻڌائي ٿو) تنهن جي پيروي ڪيو (ان تي عمل ڪيو) ۽ خدا کي ڇڏي اوليائن (جن کي توهان خدا سان شريڪ ٿا ڪيو ۽ سمجهو ٿا ته خدا وٽ هنن جي رسائي آهي ۽ اسان جي مدد ڪندا اهڙن خيالن) جي تابعداري نه ڪريو. (افسوس جو) توهان (اهڙي سولي ڳالهه نٿا سمجهو ۽) تمام ٿورا آهيو جو نصيحت حاصل ڪيو ٿا.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنۡ تُطِیۡعُوا الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا یَرُدُّوۡکُمۡ عَلٰۤی اَعۡقَابِکُمۡ
فَتَنۡقَلِبُوۡا خٰسِرِیۡنَ ﴿۱۴۹﴾ (آل عمران: ۱۴۹)

(١٤٩) مؤمنو! جيڪڏهن توهان ڪافرن جي چوڻ تي لڳندؤ (جي توهان کي دشمن جي گهڻائي ۽ طاقت کان ڊيڄارين ٿا) ته (پوءِ ياد رکو ته) هو اوهان کي حق جي راهه کان پوئين پير ڦيرائي ڇڏيندا ۽ اوهان (سعادت جي واٽ ڇڏي) نقصان ۽ تباهي هيٺ ايندؤ.
****

وَ لَا تَرۡکَنُوۡۤا اِلَی الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا فَتَمَسَّکُمُ النَّارُ ۙ وَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ مِنۡ اَوۡلِیَآءَ ثُمَّ لَا تُنۡصَرُوۡنَ ﴿۱۱۳﴾ (هود: ۱۱۳)

(١١٣) ۽ هيئن به نه ڪجو جو ظالمن جي طرف جهڪي پئو (۽ هنن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي عملن ۾ گهٽتائي ڪيو ۽ سندن دليون وٺڻ جي ڪوشش ڪيو) جنهن ڪري (انهن جي ويجهو هئڻ سبب) توهان کي به باهه جي لهس اچي وڃي. الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه رفيق ڪونهي. پوءِ (جيڪڏهن ان کان جدا ٿيندؤ ته) ڪوبه توهان جي مدد ڪونه ڪندو.
****

فَاصۡبِرۡ لِحُکۡمِ رَبِّکَ وَ لَا تُطِعۡ مِنۡہُمۡ اٰثِمًا اَوۡ کَفُوۡرًا ﴿ۚ۲۴﴾ (الدهر: ۲۴)

(٢٤) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ انهن مان ڪنهن به (اهڙي) ڏوهي يا ڪافر جو چيو ٽاري ڇڏ (جنهن جومقصد توکي ان رستي تان ٿڙڪائڻ آهي).