مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خطائن لاءِ توبهه ۽ استغفار

وَ مَنۡ یَّعۡمَلۡ سُوۡٓءًا اَوۡ یَظۡلِمۡ نَفۡسَہٗ ثُمَّ یَسۡتَغۡفِرِ اللّٰہَ یَجِدِ اللّٰہَ غَفُوۡرًا رَّحِیۡمًا ﴿۱۱۰﴾
(النساء: ۱۱۰)

(١١٠) ۽ جيڪو ماڻهو ڪو برو ڪم ڪري ٿو ويهي يا پاڻ کي نقصان ڪري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ (ان کان توبه ڪري) الله جي بخشش ٿو گهري، سو ڏسندو ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.
****

فَسَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ وَ اسۡتَغۡفِرۡہُ ؕؔ اِنَّہٗ کَانَ تَوَّابًا ٪﴿۳﴾ (النصر: ۳)

(٣) تڏهن تون پنهنجي پالڻهار جي تسبيح ۽ حمد ڪر (پوءِ دين جي غلبي لاءِ سرگرم ٿيءُ) ۽ (ڪنهن غير شعوري ڪمي بابت به) ان کان معافي گهر. بيشڪ اهو توبه قبول ڪندڙ آهي.