قرآن جا منڪر نه بڻجو ۽ قرآن فروشي نه ڪريو
(٤١) ۽ ان (قرآن) تي ايمان آڻيو جو مون نازل ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ ڪلام (تورات) جي تصديق ٿو ڪري جو توهان وٽ موجود آهي. (توهان کي ته سڀني کان اڳي قرآن تي ايمان آڻڻ گهرجي ائين نه ٿئي جو اٽلندو) سڀني کان اول توهان ئي (ان جي سچائي قبول ڪرڻ کان) انڪار ڪيو. متان منهنجون آيتون خسيس قيمت تي (دنيائي خسيس فائدن لاءِ) وڪڻي ڇڏيو. (توهان کي گهرجي ته) فقط منهنجي فرمانبرداري ڪيو ۽ مون کان ئي ڊڄو. (٤٢) ۽ سچ کي ڪوڙسان ڍڪي يا ملائي نه ڇڏيو، نڪي سچ کي لڪايو جڏهن ته توهان ڄاڻوبه ٿا (ته حقيقت ڇا آهي).
****
فَلَا تَخۡشَوُا النَّاسَ وَ اخۡشَوۡنِ وَ لَا تَشۡتَرُوۡا بِاٰیٰتِیۡ ثَمَنًا قَلِیۡلًا ؕ وَ مَنۡ لَّمۡ یَحۡکُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡکٰفِرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (المائده: ۴۴)
پوءِ (اي يهودين جي جماعت وارؤ! حق جي تابعداري ڪرڻ ۾) ماڻهن کان نه ڊڄو. مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي (دنيائي فائدي جي) ٿورڙي بَها تي وڪڻي نه ڇڏيو. (ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن، جي ڪافر آهن.