الله ۽ رسول جي نافرماني نه ڪيو
(١٣) (۽ پڻ) چؤ ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪيان ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي.
****
وَ مَا کَانَ لِمُؤۡمِنٍ وَّ لَا مُؤۡمِنَۃٍ اِذَا قَضَی اللّٰہُ وَ رَسُوۡلُہٗۤ اَمۡرًا اَنۡ یَّکُوۡنَ لَہُمُ الۡخِیَرَۃُ مِنۡ اَمۡرِہِمۡ ؕ وَ مَنۡ یَّعۡصِ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ فَقَدۡ ضَلَّ ضَلٰلًا مُّبِیۡنًا ﴿ؕ۳۶﴾
(الاحزاب: ۳۶)
(٣٦) ۽ ڪنهن به مؤمن ۽ مؤمنياڻي لاءِ جائز ناهي ته جڏهن الله ۽ سندس رسول ڪنهن به ڳالهه بابت ڪو حڪم صادر ڪن تڏهن هو پنهنجي انهيءَ معاملي ۾ پنهنجي راءِ تي هلن (۽ پنهنجي پسندي ۽ اختيار موجب عمل ڪن) ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ٿو ڪري سو ظاهرظهور سڌي واٽ ڇڏي ڀلجي گمراهه ٿي ويو آهي.