مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

فرقا فرقا نه بڻجو

وَ اعۡتَصِمُوۡا بِحَبۡلِ اللّٰہِ جَمِیۡعًا وَّ لَا تَفَرَّقُوۡا ۪ وَ اذۡکُرُوۡا نِعۡمَتَ اللّٰہِ عَلَیۡکُمۡ اِذۡ کُنۡتُمۡ اَعۡدَآءً فَاَلَّفَ بَیۡنَ قُلُوۡبِکُمۡ فَاَصۡبَحۡتُمۡ بِنِعۡمَتِہٖۤ اِخۡوَانًا ۚ وَ کُنۡتُمۡ عَلٰی شَفَا حُفۡرَۃٍ مِّنَ النَّارِ فَاَنۡقَذَکُمۡ مِّنۡہَا ؕ کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللّٰہُ لَکُمۡ اٰیٰتِہٖ لَعَلَّکُمۡ تَہۡتَدُوۡنَ ﴿۱۰۳﴾
(آل عمران: ۱۰۳)

(١٠٣) ۽ (اي مؤمنؤ!) سڀ ملي هڪ ٿي الله جي رسيءَ کي مضبوط جهليو ۽ جدا جدا نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي اوهان تي اها نعمت ياد رکو جو ڪڏهن ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن هئو، پر (هاڻي) الله تعاليٰ اوهان جون دليون محبت ۾ ڳنڍي ڇڏيون آهن ۽ سندس فضل ۽ ڪرم سان هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي ويا آهيو. توهان جي حالت ته هي هئي جو توهان باهه سان ڀريل اونهيءَ کڏ جي ڪناري تي بيٺا هئو (ذرو به پير ترڪيو ته ڌو باهه ۾). پر الله تعاليٰ توهان کي ان کان بچائي ورتو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون (حڪم ۽ نشانيون) چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته من توهان (سعادت جي) راهه وٺو.
****

وَ لَا تَکُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ تَفَرَّقُوۡا وَ اخۡتَلَفُوۡا مِنۡۢ بَعۡدِ مَا جَآءَہُمُ الۡبَیِّنٰتُ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ لَہُمۡ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۰۵﴾ۙ (آل عمران: ۱۰۵)

(١٠٥) (اي مؤمنو! متان انهن ماڻهن (يهودين) وانگر ٿيو جي (خدا جي دين تي هڪ ٿي رهڻ بدران) جدا جدا ٿيا ۽ اگرچه وٽن (الــــــــٰهي ڪتابن جا) روشن دليل اچي چڪا هئا، تڏهن به هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيائون. يقين ڪيو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ وڏو سخت عذاب آهي.