اطاعت، قربانيون ۽ جيئڻ مرڻ الله جي لاءِ آهي
(١٦٢) چؤ ته، منهنجي نماز، منهنجو حج (قرباني) منهنجو جيئڻ ۽ منهنجي مرڻ سڀ ڪجهه فقط الله جي لاءِ آهي، جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. (١٦٣) هن جو ڪوئي شريڪ ڪونهي، مون کي انهيءَ ئي ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان مسلمانن ۾ (يعني خدا جي فرمانبردارن ۾) پهريون فرمانبردار آهيان.
****
وَ مَاۤ اَرۡسَلۡنَا مِنۡ قَبۡلِکَ مِنۡ رَّسُوۡلٍ اِلَّا نُوۡحِیۡۤ اِلَیۡہِ اَنَّہٗ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّاۤ اَنَا فَاعۡبُدُوۡنِ ﴿۲۵﴾
(الانبياءَ: ۲۵)
(٢٥) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي ڪوبه پيغمبر اهڙو ڪونه موڪليو جنهن ڏي هن ڳالهه جو وحي نه موڪليوسين ته ڪوبه معبود ڪونهي سواءِ منهنجي. پوءِ اوهان کي گهرجي ته فقط منهنجي ٻانهپ ڪريو.