مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

دنيا جي زندگي کيل تماشو آهي

فَلَا تَہِنُوۡا وَ تَدۡعُوۡۤا اِلَی السَّلۡمِ ٭ۖ وَ اَنۡتُمُ الۡاَعۡلَوۡنَ ٭ۖ وَ اللّٰہُ مَعَکُمۡ وَ لَنۡ یَّتِرَکُمۡ اَعۡمَالَکُمۡ ﴿۳۵﴾ اِنَّمَا الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَا لَعِبٌ وَّ لَہۡوٌ ؕ وَ اِنۡ تُؤۡمِنُوۡا وَ تَتَّقُوۡا یُؤۡتِکُمۡ اُجُوۡرَکُمۡ وَ لَا یَسۡـَٔلۡکُمۡ اَمۡوَالَکُمۡ ﴿۳۶﴾ (محمد : ۳۵، ۳۶)

(٣٥) سو (اي مسلمانو حق کي غالب ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ ۾) همت نه هاريو ۽ تيستائين صلح ڏي نه سڏيو جيستائين توهان سر بلند (۽ غالب) ٿي وڃو، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ اوهان سان (شامل ۽ مددگار) آهي ۽ هو هرگز اوهان جي عملن ۾ اوهان کي نقصان ڪونه پهچائيندو. (يعني اوهان جي نيڪ عملن جو اوهان کي پورو پورو فائدو ملندو). (٣٦) يقيناً هن دنيا جي زندگي (حق تي هلڻ کان سواءِ) رڳو کيل تماشو آهي (۽ ڍورن ڍڳن واري زندگي آهي) ۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان (قرآني نظام تي) يقين رکو ۽ (ان موجب) نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جا ڪم ڪيو ته الله تعاليٰ اوهان کي وڏا اجورا (۽ فائدا) ڏيندو ۽ توهان کان توهان جا مال ملڪيتون ڪونه گهرندو.