اسماءُ الحسنيٰ سان رب کي سڏڻ قُلِ ادۡعُوا اللّٰہَ اَوِ ادۡعُوا الرَّحۡمٰنَ ؕ اَیًّامَّا تَدۡعُوۡا فَلَہُ الۡاَسۡمَآءُ الۡحُسۡنٰی (بني اسرائيل: ۱۱۰) (١١٠) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، توهان (مڪي جا مشرڪ) الله چئي (کيس) پڪاريو يا رحمان جي نالي سان کيس پڪاريو جيئن به پڪاريو (ساڳي ڳالهه آهي) سندس سڀ نالا سهڻا ۽ چڱا آهن.