خدا سان ڪيل عهد جي پابندي ڪيو
(٤٠) اي بني اسرائيل! منهنجي اها نعمت ياد ڪيو جا مون اوهان تي ڪئي. (اوهان کي دنيا ۾ سرفراز ڪيو) ۽ جيڪو عهد مون سان ڪيو هو (ته تنهنجي هدايتن ۽ حڪمن تي عمل ڪنداسين) سو پاڙيو ته مان به توهان سان ڪيل عهد پاڙيان (اوهان کي ڪاميابي ۽ نعمتون ڏيان) ۽ فقط مون کان ڊڄو (ڇو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي).
****
یٰبَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ اذۡکُرُوۡا نِعۡمَتِیَ الَّتِیۡۤ اَنۡعَمۡتُ عَلَیۡکُمۡ وَ اَنِّیۡ فَضَّلۡتُکُمۡ عَلَی الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۴۷﴾ وَ اتَّقُوۡا یَوۡمًا لَّا تَجۡزِیۡ نَفۡسٌ عَنۡ نَّفۡسٍ شَیۡئًا وَّ لَا یُقۡبَلُ مِنۡہَا شَفَاعَۃٌ وَّ لَا یُؤۡخَذُ مِنۡہَا عَدۡلٌ وَّ لَا ہُمۡ یُنۡصَرُوۡنَ ﴿۴۸﴾ (البقره: ۴۸،۴۷)
(٤٧) اي بني سرائيل! منهنجون نعمتون ياد ڪيو جن سان مون اوهان کي سرفراز ڪيو ۽ دنيا جي قومن تي اوهان کي فضيلت ڏنم. (٤٨) ۽ انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄو جنهن ڏينهن ڪوبه انسان ٻئي جي ڪم نه اچي سگهندو. (دنيا ۾ ڪيل بڇڙن ڪمن جي نتيجن کان ڪوبه بچائي ڪونه سگهندو) نڪي ڪنهن جي سفارش قبول پوندي، نڪي ڪنهن به قسم جو عيوضو وٺي ڇڏي ڏنو ويندو، نڪي ڪٿان به ڪنهن طرح جي مدد ملندي.
****
وَ اذۡکُرۡ فِی الۡکِتٰبِ اِسۡمٰعِیۡلَ ۫ اِنَّہٗ کَانَ صَادِقَ الۡوَعۡدِ وَ کَانَ رَسُوۡلًا نَّبِیًّا ﴿ۚ۵۴﴾
(مريم: ۵۴)
(٥٤) ۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب (قرآن مجيد) ۾ حضرت اسماعيل جو ذڪر پڙهه، بيشڪ هو پنهنجي قول جو سچو هو ۽ (الله جو) موڪليل هو.