دنيا جي چمڪ ۽ شيطان کان ڌوڪو نه کائو
تنهن ڪري (خبردار ٿيو) ائين نه ٿئي جو دنيا جي زندگي (يعني وقتي خوشي يا فائدو) توهان کي ٺڳي (۽ بدعمل ڪرائي) ۽ ائين نه ٿئي جو دغا باز شيطان (اوهان کي ترت فائدو ڏيکاري) الله (جي فرمانبرداري) بابت برغلائي ڇڏي.
****
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنَّ وَعۡدَ اللّٰہِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّکُمُ الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَا ٝ وَ لَا یَغُرَّنَّکُمۡ
بِاللّٰہِ الۡغَرُوۡرُ ﴿۵﴾ (الفاطر: ۵)
(٥) اي انسانو! يقين ڄاڻو ته الله جو واعدو (ته مؤمن ڪامياب ٿيندا ۽ غالب پوندا ۽ منڪر شڪست کائيندا ۽ تباهه ٿيندا) سچو آهي (۽ ضرور سچو ثابت ٿيندو) تنهن ڪري دنيا جي ويجهي زندگيءَ تي (يعني بي سمجهه ٻارن وانگي ترت فائدي يا خوشيءِ تي) ڀنڀلجي نه وڃو (مستقبل جو خيال رکو ۽ ڏسو ته ان ڪم ۾ پوءِ فائدو آهي يا نقصان). (۽ ڏسو) متان (اوهان جو دشمن) شيطان اوهان کي (مهربان) الله بابت ٺڳي ڇڏي (۽ اوهان کي ڪنڌ ڀر ڪيرائي).