مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

جهاد ۽ نيڪوڪار زندگي جو موت

وَ لَئِنۡ قُتِلۡتُمۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ اَوۡ مُتُّمۡ لَمَغۡفِرَۃٌ مِّنَ اللّٰہِ وَ رَحۡمَۃٌ خَیۡرٌ مِّمَّا
یَجۡمَعُوۡنَ ﴿۱۵۷﴾ (آل عمران: ۱۵۷)

(١٥٧) ۽ جيڪڏهن توهان الله جي راهه ۾ مارجي ويو يا پنهنجي موت مري ويو ته پوءِ الله تعاليٰ وٽان جيڪا رحمت ۽ بخشش اوهان کي ملندي سا انهن سڀني شين کان گهڻو بهتر آهي جي ماڻهو ميڙي گڏ ڪري رهيا آهن.
****

فَاسۡتَجَابَ لَہُمۡ رَبُّہُمۡ اَنِّیۡ لَاۤ اُضِیۡعُ عَمَلَ عَامِلٍ مِّنۡکُمۡ مِّنۡ ذَکَرٍ اَوۡ اُنۡثٰی ۚ بَعۡضُکُمۡ مِّنۡۢ بَعۡضٍ ۚ فَالَّذِیۡنَ ہَاجَرُوۡا وَ اُخۡرِجُوۡا مِنۡ دِیَارِہِمۡ وَ اُوۡذُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِیۡ وَ قٰتَلُوۡا وَ قُتِلُوۡا لَاُکَفِّرَنَّ عَنۡہُمۡ سَیِّاٰتِہِمۡ وَ لَاُدۡخِلَنَّہُمۡ جَنّٰتٍ تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِہَا الۡاَنۡہٰرُ ۚ ثَوَابًا مِّنۡ عِنۡدِ اللّٰہِ ؕ وَ اللّٰہُ عِنۡدَہٗ حُسۡنُ الثَّوَابِ ﴿۱۹۵﴾ (آل عمران: ۱۹۵)
(١٩٥) پوءِ هنن جي پروردگار هنن جون دعائون قبول ڪيون ۽ فرمايائين ته بيشڪ آءٌ ڪنهن به عمل ڪندڙ جو عمل ضايع نٿو ڪيان، مرد هجي توڙي عورت. توهان سڀ هڪ ٻئي جي جنس آهيو (عملن جي نتيجن جو قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي) پوءِ جن (خدا جي راهه ۾) هجرت ڪئي، پنهنجي گهرن مان تڙي ڪڍيا ويا، منهنجي راهه وٺڻ جي ڪري ايذايا ويا ۽ حق جي راهه ۾ لڙايون ڪيائون ۽ قتل ٿيا تن جون خطائون هنن مان يقيناً ميساري ڇڏيندس ۽ کين (ابدي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون. هي الله جي طرف کان (هنن جي نيڪ عملن جو) اجر ۽ انعام هوندو ۽ الله ئي آهي جو بهترين اجر ۽ انعام ڏئي ٿو.