مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

صبر، تسبيح ۽ خدا جو حمد

فَاصۡبِرۡ عَلٰی مَا یَقُوۡلُوۡنَ وَ سَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ قَبۡلَ طُلُوۡعِ الشَّمۡسِ وَ قَبۡلَ غُرُوۡبِہَا ۚ وَ مِنۡ اٰنَآیِٔ الَّیۡلِ فَسَبِّحۡ وَ اَطۡرَافَ النَّہَارِ لَعَلَّکَ تَرۡضٰی ﴿۱۳۰﴾
(طــٰھٰ : ۱۳۰)

(١٣٠) تنهن ڪري (توکي گهرجي ته) جيڪي جيڪي ڳالهيون اهي (گنهگار) چون ٿا تن تي صبر ڪر ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ۾ لڳو رهه، صبح جو سج نڪرڻ کان اڳي، شام جو سج لهڻ کان اڳي، ۽ رات جي گهڙين ۾ به ثنا ڪندو رهه ۽ ٻيپهريءَ جي لڳ ڀڳ به. ممڪن آهي ته تون بلڪل جلد (نتيجن جي ظهور کان) خوش ٿي ويندين.
****

وَ اصۡبِرۡ لِحُکۡمِ رَبِّکَ فَاِنَّکَ بِاَعۡیُنِنَا وَ سَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ حِیۡنَ تَقُوۡمُ﴿ۙ۴۸﴾ وَ مِنَ الَّیۡلِ فَسَبِّحۡہُ وَ اِدۡبَارَ النُّجُوۡمِ ﴿٪۴۹﴾ (الطور: ۴۸، ۴۹)

(٤٨) سو (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پروردگار جي حڪم لاءِ صبر ۽ ثابت قدميءَ سان ترس. يقيناً تون اسان جي اکين جي سامهون آهين، (اسان جي توتي شفقت جي نظر آهي، اسان توکي هنن دشمنن کان بچائينداسين ۽ ڪامياب ڪنداسين) ۽ تون جڏهن جڏهن (نماز لاءِ يا ڪنهن اهم ڪم لاءِ) اٿي کڙو ٿئين تڏهن تڏهن پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندو رهه. (٤٩) ۽ رات جو ڪجهه حصو به الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪرڻ ۾ گذار ۽ تارن جي لهڻ کان پوءِ به (يعني فجر جي وقت به) پاڪائي ۽ شان بيان ڪندو رهه.
****

فَاصۡبِرۡ عَلٰی مَا یَقُوۡلُوۡنَ وَ سَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ قَبۡلَ طُلُوۡعِ الشَّمۡسِ وَ قَبۡلَ الۡغُرُوۡبِ ﴿ۚ۳۹﴾ وَ مِنَ الَّیۡلِ فَسَبِّحۡہُ وَ اَدۡبَارَ السُّجُوۡدِ ﴿۴۰﴾ (قٓ: ۳۹، ۴۰)

(٣٩) پوءِ (اي پيغمبر اهي ماڻهو ايمان نٿا آڻين ته خيال نه ڪر) جيڪي هي ماڻهو بڪندا رهن ٿا تنهن کي صبر سان سهندو رهه ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندو رهه، سج اڀرڻ کان اڳي ۽ پڻ سج لهڻ کان اڳ ۾. (٤٠) رات جي ڪجهه حصي ۾ به سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ پڻ سجدن کان پوءِ (يعني هر وقت الله ۽ سندس حڪمن کي ياد رک ۽ انهن جي تعميل ڪر).
****

فَسَبِّحۡ بِاسۡمِ رَبِّکَ الۡعَظِیۡمِ ﴿۷۴﴾ (الواقعه: ۷۴)

(٧٤) سو (اي پيغمبر!) پنهنجي اعليٰ ۽ عظيم پروردگار جي نالي جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندو رهه (۽ سندس راهه ۾ ۽ دين قائم ڪرڻ ۾ بي انتها ڪوشش ڪندو رهه).
****

سَبِّحِ اسۡمَ رَبِّکَ الۡاَعۡلَی ۙ﴿۱﴾ (الاعليٰ: ۱)

(١) (اي محمدﷺ) تون پنهنجي سڀني کان مٿاهين پالڻهار جي نالي جي عظمت بيان ڪر. (۽ ان جي پالڻهاريءَ واري نظام لاءِ سرگرم رهه.)
****

وَ تَوَکَّلۡ عَلَی الۡحَیِّ الَّذِیۡ لَا یَمُوۡتُ وَ سَبِّحۡ بِحَمۡدِہٖ ؕ وَ کَفٰی بِہٖ بِذُنُوۡبِ
عِبَادِہٖ خَبِیۡرَا ﴿ۚۛۙ۵۸﴾ (الفرقان: ۵۸)

(٥٨) ۽ (اي پيغمبر! خوشخبري ٻڌائڻ ۽ خبردار ڪرڻ واري اعليٰ ڪم ۾) تون انهيءَ هميشه زنده رهڻ واري خدا تي ڀروسو رک جو ڪڏهن به مرڻ وارو ناهي ۽ انهيءَ خدا جي پاڪائي ۽ شان سندس اعليٰ صفتن سان گڏ بيان ڪندو رهه. اهو خدا پنهنجي بندن جي گناهن ۽ برن ڪمن جي پوري پوري خبر رکندڙ آهي.