مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

پرپٺ گلا کان منع ڪرڻ جو حڪم

وَ لَا یَغۡتَبۡ بَّعۡضُکُمۡ بَعۡضًا ؕ اَیُحِبُّ اَحَدُکُمۡ اَنۡ یَّاۡکُلَ لَحۡمَ اَخِیۡہِ مَیۡتًا
(الحجرات: ۱۲)

۽ اوهان مان هڪڙا ٻين جي پرپٺ گلا نه ڪن. (پرپٺ گلا ڪرڻ آهي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ) توهان ۾ ڪوبه اهڙو آهي ڇا جو پسند ٿو ڪري ته، پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟