مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

اجايا خرچ نه ڪيو

وَ اٰتِ ذَاالۡقُرۡبٰی حَقَّہٗ وَ الۡمِسۡکِیۡنَ وَ ابۡنَ السَّبِیۡلِ وَ لَا تُبَذِّرۡ تَبۡذِیۡرًا ﴿۲۶﴾ اِنَّ الۡمُبَذِّرِیۡنَ کَانُوۡۤا اِخۡوَانَ الشَّیٰطِیۡنِ ؕ وَ کَانَ الشَّیۡطٰنُ لِرَبِّہٖ کَفُوۡرًا ﴿۲۷﴾
(بني اسرائيل: ۲۶، ۲۷)

(٢٦) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي توهان جا مائٽ آهن، جيڪي به مسڪين آهن ۽ جيڪي (بي سمر ۽ بي يار) مسافر آهن، انهن سڀني جو اوهان تي حق آهي ۽ انهن جو حق ادا ڪندا رهو. ۽ (مال ۽ دولت کي) ائين اجايو (عياشين ۽ نمائشن تي) خرچ نه ڪيو جيئن بيجا لٽڻ ٿيندو آهي. (٢٧) اجايو خرچ ڪندڙ (جيڪي بيجا طور عياشين ۽ نمائشن تي مال لٽيندا آهن) شيطانن جا ڀائي بند آهن ۽ شيطان پنهنجي پروردگار جي نعمتن جو بي شڪر آهي.