وچين نماز جي حفاظت
(٢٣٨) پنهنجي نمازن جي حفاظت ۾ ڪوشش ڪندا رهو خصوصاً اهڙي نماز جا (ظاهر ۽ باطن ۾) بهترين نماز هجي (ٽپهري يا عصر جي نماز کي به صلوٰة الوسطي وچئين نماز چئبو آهي) ۽ الله جي حضور ۾ اهڙيءَ طرح نماز ۾ بيهو جو گويا ادب ۽ نياز ۾ مستغرق ٿي ويا آهيو.