مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

حق مهر رخصتي کان اڳ ۾ ڏيڻ جو حڪم

لَا جُنَاحَ عَلَیۡکُمۡ اِنۡ طَلَّقۡتُمُ النِّسَآءَ مَا لَمۡ تَمَسُّوۡہُنَّ اَوۡ تَفۡرِضُوۡا لَہُنَّ فَرِیۡضَۃً ۚۖ وَّ مَتِّعُوۡہُنَّ ۚ عَلَی الۡمُوۡسِعِ قَدَرُہٗ وَ عَلَی الۡمُقۡتِرِ قَدَرُہٗ ۚ مَتَاعًۢا بِالۡمَعۡرُوۡفِ ۚ حَقًّا عَلَی الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۲۳۶﴾ وَ اِنۡ طَلَّقۡتُمُوۡہُنَّ مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ تَمَسُّوۡہُنَّ وَ قَدۡ فَرَضۡتُمۡ لَہُنَّ فَرِیۡضَۃً فَنِصۡفُ مَا فَرَضۡتُمۡ اِلَّاۤ اَنۡ یَّعۡفُوۡنَ اَوۡ یَعۡفُوَا الَّذِیۡ بِیَدِہٖ عُقۡدَۃُ النِّکَاحِ ؕ وَ اَنۡ تَعۡفُوۡۤا اَقۡرَبُ لِلتَّقۡوٰی ؕ وَ لَا تَنۡسَوُا الۡفَضۡلَ بَیۡنَکُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ بَصِیۡرٌ ﴿۲۳۷﴾ (البقره: ۲۳۷، ۲۳۶)

(٢٣٦) ۽ جيڪڏهن اهڙي حالت پيش اچي جو توهان عورت کي اڃا هٿ به نه لاتو هجي نڪي اڃا مهر مقرر ڪيو هجي ۽ طلاق ڏيئي ڇڏيو ته توهان تي ڪو گناهه ڪونهي، پر ان حالت ۾ (جو مائٽي جون ڳالهيون پڪيون ڪري وري ٽوڙڻ سان عورت کي صدمو يا نقصان پهچي ٿو، تنهنجي عيوض ۾ ضروري آهي ته) عورت کي ڪجهه ڏيو ايترو ڏيو جيترو حالتن موجب مناسب هجي شاهوڪار پنهنجي وسعت آهر ڏئي ۽ مسڪين پنهنجي وسعت آهر ڏئي، نيڪ عمل انسانن تي حق آهي ته ائين ڪن. (٢٣٧) پر جيڪڏهن عورت کي هٿ لڳائڻ کان اڳي طلاق ڏيو ۽ مهر مقر ڪيو هجيو ته انهيءَ حالت ۾ مقرر ڪيل مهر جو اڌ عورت کي ڏيڻ گهرجي، مگر ائين ٿي سگهي ٿو ته عورتون پنهنجي خوشيءِ سان معاف ڪري ڇڏين يا مرد جنهن جي هٿ ۾ نڪاح جو رشتو آهي سو پاڻ اڌ رقم باز رکڻ جي بدران سڄو مهر زال کي ڏئي، توهان مرد جيڪڏهن ائين ڪندؤ (يعني اهڙي حالتن ۾ به سڄو مهر ڀري ڏيندؤ) ته اها پرهيزگاري ۽ نيڪ عملي جي ڳالهه آهي، پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان احسان ۽ ڀلائي ڪرڻ ڪڏهن نه وساريو ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي عمل اوهان ڪيو ٿا سي بيشڪ الله تعاليٰ ڏسي ٿو.