مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

فرض نمازون پنهنجي مقرر وقتن تي پڙهڻ

فَاِذَا قَضَیۡتُمُ الصَّلٰوۃَ فَاذۡکُرُوا اللّٰہَ قِیٰمًا وَّ قُعُوۡدًا وَّ عَلٰی جُنُوۡبِکُمۡ ۚ فَاِذَا اطۡمَاۡنَنۡتُمۡ فَاَقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ ۚ اِنَّ الصَّلٰوۃَ کَانَتۡ عَلَی الۡمُؤۡمِنِیۡنَ کِتٰبًا مَّوۡقُوۡتًا ﴿۱۰۳﴾
(النساء: ۱۰۳)

(١٠٣) پوءِ جڏهن توهان نماز پڙهي چڪؤ. تڏهن به گهرجي ته بيٺي ويٺي ليٽندي هر حال ۾ الله کي ياد ڪندا رهو. پوءِ جڏهن توهان کي (دشمن جي طرف کان) خطرو نه رهي ۽ تسلي هجي تڏهن (هميشه جي دستور موجب) نماز پڙهو. بيشڪ نماز مسلمانن تي وقت جي پابنديءَ سان فرض ڪئي ويئي آهي.