مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

غنائم مان پنجون حصو خرچ ڪرڻ جو حڪم

وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّمَا غَنِمۡتُمۡ مِّنۡ شَیۡءٍ فَاَنَّ لِلّٰہِ خُمُسَہٗ وَ لِلرَّسُوۡلِ وَ لِذِی الۡقُرۡبٰی وَ الۡیَتٰمٰی وَ الۡمَسٰکِیۡنِ وَ ابۡنِ السَّبِیۡلِ ۙ اِنۡ کُنۡتُمۡ اٰمَنۡتُمۡ بِاللّٰہِ وَ مَاۤ اَنۡزَلۡنَا عَلٰی عَبۡدِنَا یَوۡمَ الۡفُرۡقَانِ یَوۡمَ الۡتَقَی الۡجَمۡعٰنِ ؕ وَ اللّٰہُ عَلٰی کُلِّ شَیۡءٍ قَدِیۡرٌ ﴿۴۱﴾ (الانفال: ۴۱)

(٤١) ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته اوهان کي جيڪو غنيمت جو مال هٿ اچي تنهن جو پنجون حصو الله ۽ الله جي رسول لاءِ ۽ (رسول جي) مائٽن لاءِ، يتيمن جي لاءِ، مسڪينن جي لاءِ ۽ مسافرن جي لاءِ آهي (۽ باقي چار حصا مجاهدن ۾ ورهائي سگهجن ٿا) جيڪڏهن توهان الله (جي انهيءَ غيبي مدد) تي يقين ٿا رکو جيڪا مدد اسان فيصلو ڪري ڇڏڻ واري ڏينهن پنهنجي بندي (حضرت رسولﷺ) تي نازل ڪئي هئي جڏهن ٻه لشڪر (بدر وٽ) هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا هئا (ته انهيءَ طرح ورهاڱو ڪيو) ۽ (ياد رکو ته) الله جي قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي.