مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪلاله جي وراثت

یَسۡتَفۡتُوۡنَکَ ؕ قُلِ اللّٰہُ یُفۡتِیۡکُمۡ فِی الۡکَلٰلَۃِ ؕ اِنِ امۡرُؤٌا ہَلَکَ لَیۡسَ لَہٗ وَلَدٌ وَّ لَہٗۤ اُخۡتٌ فَلَہَا نِصۡفُ مَا تَرَکَ ۚ وَ ہُوَ یَرِثُہَاۤ اِنۡ لَّمۡ یَکُنۡ لَّہَا وَلَدٌ ؕ فَاِنۡ کَانَتَا اثۡنَتَیۡنِ فَلَہُمَا الثُّلُثٰنِ مِمَّا تَرَکَ ؕ وَ اِنۡ کَانُوۡۤا اِخۡوَۃً رِّجَالًا وَّ نِسَآءً فَلِلذَّکَرِ مِثۡلُ حَظِّ الۡاُنۡثَیَیۡنِ ؕ یُبَیِّنُ اللّٰہُ لَکُمۡ اَنۡ تَضِلُّوۡا ؕ وَ اللّٰہُ بِکُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمٌ ﴿۱۷۶﴾٪ (النساء: ۱۷۶)

(١٧٦) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان ڪلاله جي باري ۾ (يعني اهڙي ماڻهو جي ميراث جي باري ۾ جنهن کي نه پيءُ ماءُ هجي، نه اولاد) فتوي گهرن ٿا. کين چئو ته، الله تعاليٰ توهان کي ڪلاله جي باري ۾ (هيءُ) حڪم ڏئي ٿو. جيڪڏهن اهڙو (ڪلاله) مرد مري وڃي جنهن کي اولاد نه هجي (نڪي پيءُ ڏاڏو) ۽ کيس هڪ ڀيڻ هجي ته جيڪي فوتي ڇڏي ويو آهي، تنهن جو اڌ ڀيڻ کي ملندو، پر جيڪڏهن (ڪلاله) عورت مري وڃي ۽ کيس اولاد نه هجي (نڪي پيءُ ڏاڏو) ته هن جي سڀ مال جو وارث سندس ڀاءُ ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ٻه ڀينر هجن (يا ٻن کان وڌيڪ) ته انهن (3/2 يعني) ٽن حصن مان ٻه حصا ترڪي مان ملندا ۽ جيڪڏهن ڀائر به هجن ۽ ڀينر به ته، پوءِ هرهڪ ڀاءُ کي هرهڪ ڀيڻ کان ٻيڻو ملندو. الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ حڪم چٽا ڪري ٿو ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته گمراهه نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ سڀني ڳالهين جو علم رکندڙ آهي.