مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

پاڪ رسمن جي حرمت ۽ عزت

ذٰلِکَ ٭ وَ مَنۡ یُّعَظِّمۡ حُرُمٰتِ اللّٰہِ فَہُوَ خَیۡرٌ لَّہٗ عِنۡدَ رَبِّہٖ ؕ وَ اُحِلَّتۡ لَکُمُ الۡاَنۡعَامُ اِلَّا مَا یُتۡلٰی عَلَیۡکُمۡ فَاجۡتَنِبُوا الرِّجۡسَ مِنَ الۡاَوۡثَانِ وَ اجۡتَنِبُوۡا قَوۡلَ الزُّوۡرِ ﴿ۙ۳۰﴾
(الحج: ۳۰)

(٣٠) سو ڏسو (حج جي) ڳالهه ائين ٿي ۽ جيڪو به الله تعاليٰ جي ٺهريل پاڪ رسمن جي عزت ٿو ڪري تنهن جي لاءِ سندس پروردگار وٽ وڏي چڱائي آهي. ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رکو ته) انهن جانورن کان سواءِ جن جي حرام هئڻ جو حڪم قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي، سڀ چوپايا جانور اوهان جي لاءِ حلال ڪيا ويا آهن. پوءِ توهان کي گهرجي ته بتن جي ناپاڪائيءَ کان پاڻ کي بچايو ۽ پڻ ڪوڙ ڳالهائڻ کان پري رهو.