سڀئي ماڻهو هڪ ئي امت آهن
(٩٢) (انهن سڀني نبين ۽ رسولن جي وسيلي اسان جيڪا تعليم ڏني هئي سان هيءَ هئي ته) هي توهان سڀني جي امت حقيقت ۾ هڪ ئي امت آهي (جدا جدا دين ۽ جدا جدا مذهبي ٽوليون ڪونه آهن) ۽ مان ئي توهان سڀني جي (اڪيلو) پروردگار آهان. تنهن ڪري توهان کي گهرجي ته فقط منهنجي ٻانهپ ڪيو (۽ ان راهه ۾ جدا جدا نه ٿي وڃو.) (٩٣) پر ماڻهن پاڻ ۾ اختلاف ڪري (هڪ ئي) دين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا، (نيٺ ڏسندؤ ته) سڀني کي اسان ڏي موٽڻو آهي (۽ انهيءَ اختلاف ۽ دشمنين جو نتيجو چکڻو آهي.) (٩٤) پوءِ (ياد رکو ته، هن باري ۾ بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته) جيڪو به نيڪ عمل ٿو ڪري ۽ (الله تي) ايمان به اٿس تنهن جي ڪوشش اجائي نه ٿيندي. اسان سندس نيڪيون لکي ڇڏڻ وارا آهيون.