مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

يتيمن تي ظلم نه ڪيو ۽ سائل کي نه جهڙڪيو

فَاَمَّا الۡیَتِیۡمَ فَلَا تَقۡہَرۡ ؕ﴿۹﴾ وَ اَمَّا السَّآئِلَ فَلَا تَنۡہَرۡ ﴿ؕ۱۰﴾ (الضحيٰ: ۹، ۱۰)

(٩) (پوءِ جيئن تنهنجي يتيم ذات جي سنڀال ٿي تيئن تنهنجو نظام به يتيم جي سنڀال ڪري) پوءِ يتيم تي متان ڏکيائيون ڪرين. (١٠) ۽ (تنهنجو ساڳيو نظام ضرورتمندن جي ڪفيل هجي) پوءِ سوالي کي متان جهڻڪين.