خدائي هدايت کي لڪائڻ ظلم آهي
(١٥٩) جيڪي ماڻهو (ڪنهن نقصان يا تڪليف جي خوف کان يا ڪنهن لالچ سبب) اسان جي نازل ڪيل سچائي جي روشن دليلن ۽ هدايتن کي لڪائين ٿا جيتوڻيڪ اسان انهن کي انسانن لاءِ ڪتاب ۾ چڱي طرح بيان ڪيو آهي تن تي يقيناً الله تعاليٰ لعنت ڪري ٿو (اهي رحمت کان محروم رهجي وڃن ٿا) ۽ لعنت ڪرڻ وارا به هنن تي لعنت ٿا ڪن.