مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

احسان فراموشي نه ڪريو

وَ اِذَا مَسَّ الۡاِنۡسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنۡۢبِہٖۤ اَوۡ قَاعِدًا اَوۡ قَآئِمًا ۚ فَلَمَّا کَشَفۡنَا
عَنۡہُ ضُرَّہٗ مَرَّ کَاَنۡ لَّمۡ یَدۡعُنَاۤ اِلٰی ضُرٍّ مَّسَّہٗ ؕ کَذٰلِکَ زُیِّنَ لِلۡمُسۡرِفِیۡنَ مَا
کَانُوۡا یَعۡمَلُوۡنَ ﴿۱۲﴾ (يونس: ۱۲)

(١٢) ۽ جڏهن ڪنهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ڪهڙي به حال ۾ هجي، پاسي ڀر ليٽيل هجي يا بيٺو هجي، اسان کي پڪارڻ لڳي ٿو، پر جڏهن اسان سندس تڪليف لاهي ٿا ڇڏيون تڏهن هو اهڙيءَ طرح (منهن موڙي) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته مصيبت جي وقت هن اسان کي پڪاريو ئي ڪونه هو. پوءِ ڏسو ته جيڪي ماڻهو حدون لنگهي وڃن ٿا تن جي نظر ۾ سندن ڪم سهڻا ڪري ڏيکاريا ويا آهن.