طلاق کان پوءِ عورتن کي ٻئي نڪاح کان نه روڪيو
(٢٣٢) ۽ جڏهن اوهان عورتن کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي ۽ هنن پنهنجي عدت پوري ڪئي آهي ته پوءِ جيڪڏهن اهي مناسب طريقي سان ڪنهن سان نڪاح ڪرڻ چاهين، جڏهن ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ راضي آهن، (ته اهڙيءَ صورت ۾) توهان هنن کي هرگز نه روڪيو، توهان منجهان جيڪو به الله ۽ آخرت ۾ ايمان رکي ٿو، تنهن کي هن حڪم جي وسيلي نصيحت ڪئي وڃي ٿي. انهيء ۾ توهان جي لاءِ وڌيڪ برڪت ۽ پاڪائي آهي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو پر توهان نٿا ڄاڻو.