صرف رباني انسان بڻجو
(٧٩) ڪنهن به انسان کي ائين نٿو جڳائي ته الله تعاليٰ هن کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ پوءِ ماڻهن کي چوي ته خدا کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو (يعني خدا جي حڪمن جي عيوض منهنجا ٻانها ٿيو. (يعني خدا جي حڪمن جي عيوض منهنجا حڪم مڃو)، بلڪ گهرجي ته رباني انسان ٿيو (يعني ماڻهن کي حق جي واٽ ڏيکاريو ۽ سندن مربي ٿيو، يعني سندن مددگاري ڪري کين چڱي درجي تي رسايو) اهو هن ڪري جو توهان الله جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ مشغول رهو ٿا.