صلات الخوف جو طريقو
(٢٣٩) پر جيڪڏهن دشمن جو خوف خطرو هجي ته پيادا هجو يا سوار هجو، هلندي جيئن به ٿي سگهي تيئن نماز پڙهي وٺو. پوءِ جيڪڏهن امن امان جي حالت قائم ٿئي ته اهڙيءَ ئي طرح نماز پڙهو. جهڙيءَ طرح توهان کي سيکاري ويئي آهي، جنهن جي اڳي اوهان کي خبر ڪانه هئي.
****
وَ اِذَا کُنۡتَ فِیۡہِمۡ فَاَقَمۡتَ لَہُمُ الصَّلٰوۃَ فَلۡتَقُمۡ طَآئِفَۃٌ مِّنۡہُمۡ مَّعَکَ وَ لۡیَاۡخُذُوۡۤا اَسۡلِحَتَہُمۡ ۟ فَاِذَا سَجَدُوۡا فَلۡیَکُوۡنُوۡا مِنۡ وَّرَآئِکُمۡ ۪ وَ لۡتَاۡتِ طَآئِفَۃٌ اُخۡرٰی لَمۡ یُصَلُّوۡا فَلۡیُصَلُّوۡا مَعَکَ وَ لۡیَاۡخُذُوۡا حِذۡرَہُمۡ وَ اَسۡلِحَتَہُمۡ ۚ وَدَّ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لَوۡ تَغۡفُلُوۡنَ عَنۡ اَسۡلِحَتِکُمۡ وَ اَمۡتِعَتِکُمۡ فَیَمِیۡلُوۡنَ عَلَیۡکُمۡ مَّیۡلَۃً وَّاحِدَۃً ؕ وَ لَا جُنَاحَ عَلَیۡکُمۡ اِنۡ کَانَ بِکُمۡ اَذًی مِّنۡ مَّطَرٍ اَوۡ کُنۡتُمۡ مَّرۡضٰۤی اَنۡ تَضَعُوۡۤا اَسۡلِحَتَکُمۡ ۚ وَ خُذُوۡا حِذۡرَکُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ اَعَدَّ لِلۡکٰفِرِیۡنَ عَذَابًا مُّہِیۡنًا ﴿۱۰۲﴾ (النساءِ: ۱۰۲)
(١٠٢) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون مسلمانن ۾ هجين (جنگ هلندڙ هجي) ۽ تون هنن جي لاءِ نماز قائم رکين ته گهرجي ته (فوج جو) هڪ حصو (مقتدي ٿي) تنهنجي پٺيان توسان گڏ (نماز لاءِ) اٿي بيهي ۽ هٿيار به کڻي بيهي، پوءِ جڏهن (اهو حصو) سجدو ڪري رهي ته پوئتي هٽي وڃي ۽ ٻيو حصو جو نماز ۾ شريڪ نه هو سو توسان شريڪ ٿئي ۽ کين گهرجي ته پوري خبرداري رکن ۽ هٿيار کڻي بيهن. (ياد رکو ته) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ وررتي آهي سي چاهين ٿا ته توهان پنهنجي هٿيارن ۽ جنگ جي سامان کان غفلت ڪيو ته هو هڪدم اوهان جي مٿان ڪاهي پون ۽ جيڪڏهن توهان کي برسات جي ڪري ڪجهه تڪليف ٿئي يا توهان بيمار هجو ته، پوءِ توهان تي گناهه ڪونهي، جيڪڏهن هٿيار لاهي رکو. پر پنهنجي بچاءُ ڪرڻ کان غافل ٿيڻ نه گهرجي (يقين رکو ته) الله تعاليٰ ڪافرن جي لاءِ خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي (هو اوهان تي فتح حاصل نه ڪندا).