مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

حڪمت ۽ خيرخواهي سان دعوت ڏيو

اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ وَ جَادِلۡہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ؕ اِنَّ رَبَّکَ ہُوَ اَعۡلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ وَ ہُوَ اَعۡلَمُ بِالۡمُہۡتَدِیۡنَ ﴿۱۲۵﴾ وَ اِنۡ عَاقَبۡتُمۡ فَعَاقِبُوۡا بِمِثۡلِ مَا عُوۡقِبۡتُمۡ بِہٖ ؕ وَ لَئِنۡ صَبَرۡتُمۡ لَہُوَ خَیۡرٌ لِّلصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۲۶﴾ وَ اصۡبِرۡ وَ مَا صَبۡرُکَ اِلَّا بِاللّٰہِ وَ لَا تَحۡزَنۡ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا تَکُ فِیۡ ضَیۡقٍ مِّمَّا یَمۡکُرُوۡنَ ﴿۱۲۷﴾ اِنَّ اللّٰہَ مَعَ الَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا وَّ الَّذِیۡنَ ہُمۡ مُّحۡسِنُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾٪ (النحل: ۱۲۵ کان ۱۲۸)

(١٢٥) (اي پيغمبر!) پنهنجي پروردگار جي راهه ڏانهن ماڻهن کي سڏ، هن طرح جون حڪمت (عقل ۽ دانائي) جون ڳالهيون بيان ڪر ۽ سهڻي نموني سان واعظ ۽ نصيحت ڪر، ۽ جيڪڏهن مخالفن سان بحث ڪرين ته اهڙي طريقي سان ڪر جو حسن ۽ خوبيءَ جو طريقو هجي. تنهنجو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان نڪري گمراهه ٿي ويو آهي ۽ ڪير سڌيءَ ۽ سچي راهه تي آهي. (١٢٦) جيڪڏهن مخالفن جي سختيءَ جي جواب ۾ سختي ڪيو ته گهرجي ته اهڙي ۽ اوتري ڪيو جيتري توهان سان ڪئي ويئي آهي. پر جيڪڏهن توهان صبر ڪيو (يعني هنن جي سختي سهو ۽ سختيءَ جي عيوض سختي نه ڪيو) ته بيشڪ صبر ڪرڻ وارن لاءِ صبر ئي بهتر آهي. (١٢٧) (اي پيغمبر!) صبر ڪر تنهنجو صبر فقط الله جي مدد جي ڪري توکي حاصل ٿيو آهي. ۽ انهن ماڻهن جي حال تي غم نه ڪر، نڪي انهن جي (دشمنيءَ جي) تدبيرن جي ڪري دل کي پريشان ڪر. (١٢٨) يقيناً الله تعاليٰ انهن ساڻ (مددگار) آهي، جيڪي پرهيزگار آهن ۽ نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن.