الله ڏي رجوع ڪرڻ وارا
فَبَشِّرۡ عِبَادِ ﴿ۙ۱۷﴾ (الزمر: ۱۷)
(١٧) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو برائين کان (يعني شيطان کان) پري رهن ٿا ۽ سندس چوڻ تي نٿا لڳن ۽ الله ڏي رجوع ڪن ٿا (۽ الله جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا) تن جي لاءِ (نعمتن ۽ انعامن جي) خوشخبري آهي. سو منهنجي (فرمانبردار) ٻانهن کي (اهڙي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.
****
وَ اَنِیۡبُوۡۤا اِلٰی رَبِّکُمۡ وَ اَسۡلِمُوۡا لَہٗ مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَکُمُ الۡعَذَابُ ثُمَّ لَا تُنۡصَرُوۡنَ ﴿۵۴﴾
(الزمر: ۵۴)
(٥٤) (پر شرط هي آهي ته) پنهنجي پروردگار (جي ڏيکاريل راهه) ڏي موٽو (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪيو) ۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو ان کان اڳي جو توهان تي عذاب اچي وڃي. (عذاب جو وقت اچي ويندو ته) پوءِ توهان کي ڪابه مدد ملي نه سگهندي.