مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله کي سچي دل ۽ ڪامل فرمانبرداري سان مڃيو

قُلۡ اَمَرَ رَبِّیۡ بِالۡقِسۡطِ ۟ وَ اَقِیۡمُوۡا وُجُوۡہَکُمۡ عِنۡدَ کُلِّ مَسۡجِدٍ وَّ ادۡعُوۡہُ مُخۡلِصِیۡنَ لَہُ الدِّیۡنَ ۬ؕ کَمَا بَدَاَکُمۡ تَعُوۡدُوۡنَ ﴿ؕ۲۹﴾ (الاعراف: ۲۹)

(٢٩) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کي) چئو ته منهجي پروردگار (هر حالت ۾) اعتدال جي راهه اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي (پڻ حڪم ڪيو آهي ته) نماز جي هر وقت تي ۽ هر هنڌ پنهنجا منهن بلڪل سڌا رکو (يعني پوريءَ طرح الله جي اڳيان نياز جو سر جهڪايو) ۽ الله کي سچي دل سان ۽ ڪامل فرمانبرداريءَ جي نيت سان پڪاريو (ياد رکو ته) جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان کي پهريائين پيدا ڪيو تهڙيءَ طرح اوهان (موت کان پوءِ ڏانهنس) موٽندؤ.