پنهنجا معاملا مشوري سان هلايو
۽ پنهنجا ڪم ڪاريون ۽ معاملا هڪٻئي سان مشورا ڪري سرانجام ڪن ٿا
****
وَ شَاوِرۡہُمۡ فِی الۡاَمۡرِ (آل عمران: ۱۵۹)
۽ پڻ وڏن معاملن ۾ هنن سان مشورو ڪر.
روزي هر ڪنهن جي لکيل آهي
وَ مَا مِنۡ دَآبَّۃٍ فِی الۡاَرۡضِ اِلَّا عَلَی اللّٰہِ رِزۡقُہَا (هود: ۶)
۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهه دار ڪونهي جنهن جي روزيءَ جو انتظام الله تي نه هجي
رزق ۽ ڪمائي جا ذريعا الله جا پيدا ڪيل آهن، ان ڪري اهي اوهان وٽ امانت آهن
اَفَرَءَیۡتُمۡ مَّا تَحۡرُثُوۡنَ ﴿ؕ۶۳﴾ ءَاَنۡتُمۡ تَزۡرَعُوۡنَہٗۤ اَمۡ نَحۡنُ الزّٰرِعُوۡنَ ﴿۶۴﴾ لَوۡ نَشَآءُ لَجَعَلۡنٰہُ حُطَامًا فَظَلۡتُمۡ تَفَکَّہُوۡنَ ﴿۶۵﴾ اِنَّا لَمُغۡرَمُوۡنَ ﴿ۙ۶۶﴾ بَلۡ نَحۡنُ مَحۡرُوۡمُوۡنَ﴿۶۷﴾ اَفَرَءَیۡتُمُ الۡمَآءَ الَّذِیۡ تَشۡرَبُوۡنَ ﴿ؕ۶۸﴾ ءَاَنۡتُمۡ اَنۡزَلۡتُمُوۡہُ مِنَ الۡمُزۡنِ اَمۡ نَحۡنُ الۡمُنۡزِلُوۡنَ ﴿۶۹﴾ لَوۡ نَشَآءُ جَعَلۡنٰہُ اُجَاجًا فَلَوۡ لَا تَشۡکُرُوۡنَ ﴿۷۰﴾ اَفَرَءَیۡتُمُ النَّارَ الَّتِیۡ تُوۡرُوۡنَ ﴿ؕ۷۱﴾ ءَاَنۡتُمۡ اَنۡشَاۡتُمۡ شَجَرَتَہَاۤ اَمۡ نَحۡنُ الۡمُنۡشِـُٔوۡنَ ﴿۷۲﴾ نَحۡنُ جَعَلۡنٰہَا تَذۡکِرَۃً وَّ مَتَاعًا لِّلۡمُقۡوِیۡنَ ﴿ۚ۷۳﴾ (الواقعة: ۶۳ کان ۷۳)
وري توهان انهيءَ ٻج تي غور ڪيو آهي جو توهان پوکيندا آهيو؟ (٦٤) ڇا اهو توهان ٿا ڄمايو ۽ وڌايو يا اسان ئي ان کي ڄمائيندڙ ۽ وڌائيندڙ آهيون؟ (٦٥) جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان (کيتيءَ کي چورو ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ توهان حيران ۽ پريشان ٿي وڃو (۽ چوڻ لڳو ته، هاءِ هاءِ!) (٦٦) هاڻي ته اسان قرض ۾ پئجي وينداسين. (٦٧) بلڪه بلڪل محروم (نادار ۽ سڃا) رهجي وينداسين. (٦٨) وري توهان انهيءَ پاڻيءَ تي غور ڪيو آهيو جو توهان پيئندا آهيو؟ (٦٩) ڇا توهان ٿا ان کي ڪڪرن مان هيٺ آڻيو يا اسان ئي ان کي هيٺ آڻيندڙ آهيون؟ (٧٠) جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون (۽ توهان مصيبت ۾ پئجي وڃو. اسان ته توهان کي مٺو پاڻي ٿا ڏيون) پوءِ ڇو نٿا خدائي نعمتن جو قدر ڪيو؟ (۽ سندس قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪري پنهنجو ڀلو ڪيو؟) (٧١) وري توهان انهيءَ باهه تي غور ڪيو آهي جا توهان ٻاريندا آهيو؟ (٧٢) ڇا توهان ان (باهه) جي (ٻارڻ وارن) وڻن کي ڄمائيندا آهيو يا اسان ئي ڄمائيندڙ آهيون؟ (٧٣) اسان ان کي عبرت وٺڻ جي نشاني بنايو آهي ۽ پڻ بيابانن ۾ رهندڙن لاءِ وڏي سهوليت واري شيءِ بنايو آهي.