آڪڙ، نمائش ۽ ڏيکاءَ کان بچو
(٤٧) ۽ (خبردار) انهن ماڻهن جهڙا نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان (لڙائي ڪرڻ لاءِ) آڪڙ ڪندي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ نمائش ۽ ڏيکاءُ ڪندي نڪتا ۽ جن جو حال هي آهي جو الله جي راهه کان (سندس بندن کي) روڪين ٿا ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به عمل هي ماڻهو ڪن ٿا تن تي الله تعاليٰ (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) گهيرو ڪيون بيٺو آهي.
****
وَ لَا تَمۡشِ فِی الۡاَرۡضِ مَرَحًا ۚ اِنَّکَ لَنۡ تَخۡرِقَ الۡاَرۡضَ وَ لَنۡ تَبۡلُغَ الۡجِبَالَ طُوۡلًا ﴿۳۷﴾
(بني اسرائيل: ۳۷)
(٣٧) ۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه گهمو. يقيناً توهان زمين کي ڏاري ڪونه سگهندؤ، نڪي جبلن جيڏا ڊگها ٿي سگهندؤ.
****
وَ لَا تُصَعِّرۡ خَدَّکَ لِلنَّاسِ وَ لَا تَمۡشِ فِی الۡاَرۡضِ مَرَحًا ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ کُلَّ مُخۡتَالٍ فَخُوۡرٍ ﴿ۚ۱۸﴾ (لقمان: ۱۸)
(١٨) ۽ ماڻهن سان مٽون ڦوڪي مغروريءَ سان ۽ شوخيءَ سا پيش نه اچ، ۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه هل. بيشڪ الله تعاليٰ هٺيلن ۽ ٻٽاڪي ماڻهن کي پسند نٿو ڪري.
****
اِنَّ قَارُوۡنَ کَانَ مِنۡ قَوۡمِ مُوۡسٰی فَبَغٰی عَلَیۡہِمۡ ۪ وَ اٰتَیۡنٰہُ مِنَ الۡکُنُوۡزِ مَاۤ اِنَّ مَفَاتِحَہٗ لَتَنُوۡٓاُ بِالۡعُصۡبَۃِ اُولِی الۡقُوَّۃِ ٭ اِذۡ قَالَ لَہٗ قَوۡمُہٗ لَا تَفۡرَحۡ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ الۡفَرِحِیۡنَ ﴿۷۶﴾ (القصص: ۷۶)
(٧٦) قارون درحقيقت حضرت موسيٰ جي قوم جو ماڻهو هو. پر هو پنهنجي قوم جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ لڳو (۽ هنن کي نفرت سان ڏسڻ لڳو، ايتري آڪڙ ۽ هٺ وڏائي هن ڪري ٿيس جو) اسان هن کي دنيائي دولت جا وڏا خزانا ڏنا هئا ايترا جو انهن جون رڳو ڪنجيون به مضبوط ماڻهن جي هڪ ٽولي مشڪل کڻي سگهي ها. (سندس هٺ وڏائي ڪرڻ تي) سندس قوم جي ماڻهن کيس چئي ڏنو ته آڪڙ نه ڪر، ڇو ته الله تعاليٰ يقيناً آڪڙ ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.