وصيت تي گواهي ڏيڻ
(١٠٦) مؤمنؤ! جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت جي گهڙي اچي وڃي (۽ وصيت ڪرڻ چاهي) ته وصيت جي وقت شاهديءَ لاءِ اوهان مان ٻه معتبر عادل ماڻهو شاهد ٿيڻ گهرجن، پر جيڪڏهن اوهان سفر ۾ هجو ۽ موت جي گهڙي پيش اچي وڃي (۽ مسلمان شاهد نه ملي سگهن) ته (مسلمان شاهدن جي بدران) غيرمسلم شاهد به ٿي سگهن ٿا. (پوءِ جيڪڏهن انهن شاهدن جي سچائيءَ ۾ ڪنهن طرح جو شڪ پئجي وڃي ته) انهن کي نماز بعد (مسجد ۾) روڪيو. هو الله جو قسم کڻي چون ته، اسان پنهنجو قسم ڪنهن به عيوضي لاءِ ڪونه وڪيو آهي. اگرچه (فائدو وٺندڙ) اسان جو ويجهو مائٽ هجي (ته به اسان ڪوڙ ڳالهائي قسم ڪونه ڀڃنداسين) اسان خدا ڪارڻ سچي شاهدي ڪڏهن به نه لڪائينداسين، جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته گناهه اسان تي آهي. (١٠٧) پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته انهن ٻنهي شاهدن گناهه جو ڪم ڪيو آهي (۽ ڪوڙ ڳالهايو اٿن) ته پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻيا ٻه شاهد انهن ماڻهن مان اٿي کڙا ٿين جن جو حق (پهرين) شاهدن مان هرهڪ دٻائڻ چاهيو هو، ۽ اهي (ٻيا) شاهد انهن مان هجن جي (مظلوم ڌر سان) ويجهڙائي رکندڙ هجن، پوءِ اهي ٻئي خدا جو قسم کڻي چون ته اسان جي شاهدي پهرين شاهدن جي شاهديءَ کان وڌيڪ سچي آهي. اسان شاهدي ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي زيادتي ڪانه ڪئي آهي. جيڪڏهن زيادتي ڪيون ته ظلم جو گناهه اسان جي گردن تي آهي. (١٠٨) هن طرح جي قسم مان وڌيڪ اميد رکي سگهجي ٿي ته شاهد سچي شاهدي ڏيندا يا (گهٽ ۾ گهٽ) هنن کي هن ڳالهه جو انديشو ٿيندو ته متان اسان جي قسمن کي ٻي ڌر جي قسمن بعد رد نه ڪيو وڃي. (بهرحال) الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ سندس حڪم ٻڌو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ نافرمانن لاءِ هدايت واري واٽ نٿو کولي.