وضو ۽ تيمم جا فرض
(٦) مؤمنؤ! جڏهن نماز جي لاءِ تياري ڪيو تڏهن پنهنجو منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين ڌوئيندا ڪريو ۽ مٿي تي (پاڻي سان آلو ڪيل) هٿ گهمايو ۽ پنهنجا ٻئي پير مرن تائين ڌوئي ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن تڙ جي ضرورت هجي ته وهنجي صاف ۽ پاڪ ٿيو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو ۽ (پاڻيءَ جو استعمال نقصانڪار هجي) يا سفر ۾ هجو (۽ پاڻيءَ جي ڳولا ڪرڻ ۾ تڪليف هجي) يا توهان مان ڪو پائخاني مان ٿي آيو هجي يا عورت کي هٿ لاتو هجيس (همبستر ٿيو هجي) ۽ پاڻي نه ملي ته پوءِ (وضو ۽ غسل لاءِ پاڻيءَ بدران) پاڪ مٽيءَ کان ڪم وٺو. (تيمم جو طريقو هي آهي ته) پاڪ مٽيءَ تي هٿ لڳائي هٿن کي منهن ۽ ٻانهن تي (ٺونٺين تائين) گهمايو. الله تعاليٰ نٿو چاهي ته توهان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ وجهي، بلڪ هو چاهي ٿو ته توهان کي (اهڙن عملن جي وسيلي) صاف ۽ پاڪ رکي ۽ پڻ چاهي ٿو ته توهان تي پنهنجي نعمت (هدايت) پوري ڪري ته توهان شڪرگذار رهو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪريو).