مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مغفرت ۽ اجر عظيم جا مستحق ماڻهو

اِنَّ الۡمُسۡلِمِیۡنَ وَ الۡمُسۡلِمٰتِ وَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتِ وَ الۡقٰنِتِیۡنَ وَ الۡقٰنِتٰتِ وَ الصّٰدِقِیۡنَ وَ الصّٰدِقٰتِ وَ الصّٰبِرِیۡنَ وَ الصّٰبِرٰتِ وَ الۡخٰشِعِیۡنَ وَ الۡخٰشِعٰتِ وَ الۡمُتَصَدِّقِیۡنَ وَ الۡمُتَصَدِّقٰتِ وَ الصَّآئِمِیۡنَ وَ الصّٰٓئِمٰتِ وَ الۡحٰفِظِیۡنَ فُرُوۡجَہُمۡ وَ الۡحٰفِظٰتِ وَ الذّٰکِرِیۡنَ اللّٰہَ کَثِیۡرًا وَّ الذّٰکِرٰتِ ۙ اَعَدَّ اللّٰہُ لَہُمۡ مَّغۡفِرَۃً وَّ اَجۡرًا عَظِیۡمًا ﴿۳۵﴾ (الاحزاب:۳۵)

(٣٥) بيشڪ الله تعاليٰ مسلم مردن ۽ مسلم عورتن لاءِ، مؤمن ۽ مؤمنياڻين لاءِ، فرمانبردار مردن ۽ فرمانبردار عورتن لاءِ، سچن مردن ۽ سچين عورتن لاءِ، صبر ڪندڙ مردن ۽ صبر ڪندڙ عورتن لاءِ، نماڻن مردن ۽ نماڻين عورتن لاءِ صدقا ڏيندڙ مردن ۽ صدقا ڏيندڙ عورتن لاءِ، روزا رکندڙ (۽ پرهيزگار) مردن ۽ روزا رکندڙ (۽ پرهيزگار) عورتن لاءِ پاڪدامن مردن ۽ پاڪدامن عورتن لاءِ ۽ الله کي گهڻي ياد ڪندڙ مردن ۽ عورتن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي.