مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله جي ڪلام کان نه لنوايو

وَ مَنۡ اَظۡلَمُ مِمَّنۡ ذُکِّرَ بِاٰیٰتِ رَبِّہٖ فَاَعۡرَضَ عَنۡہَا وَ نَسِیَ مَا قَدَّمَتۡ یَدٰہُ ؕ اِنَّا جَعَلۡنَا عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ اَکِنَّۃً اَنۡ یَّفۡقَہُوۡہُ وَ فِیۡۤ اٰذَانِہِمۡ وَقۡرًا ؕ وَ اِنۡ تَدۡعُہُمۡ اِلَی الۡہُدٰی فَلَنۡ یَّہۡتَدُوۡۤا اِذًا اَبَدًا ﴿۵۷﴾ (الڪهف: ۵۷)

(٥٧) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي ٿو سگهي جنهن کي سندس پروردگار جون آيتون ياد ڏياريون وڃن ۽ هو انهن کان ڪنڌ موڙي ڇڏي ۽ پنهنجا بدعمل وساري ڇڏي، جيڪي اڳي ڪري چڪو آهي. بيشڪ اسان هنن جي دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڪابه ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ۽ اسان سندن ڪنن ۾ ٻوڙاڻ وجهي ڇڏي آهي، (جنهن ڪري هو حق جو آواز ٻڌي نٿا سگهن) تون هنن کي ڪيترو به سڌي واٽ ڏي، سڏين ته به هو هرگز ڪڏهن به سڌي واٽ لهي نه سگهندا.