مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

دين کي قائم رکو

شَرَعَ لَکُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَ مَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی اَنۡ اَقِیۡمُوا الدِّیۡنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوۡا فِیۡہِ ؕ کَبُرَ عَلَی الۡمُشۡرِکِیۡنَ مَا تَدۡعُوۡہُمۡ اِلَیۡہِ ؕ اَللّٰہُ یَجۡتَبِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یَّشَآءُ وَ یَہۡدِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یُّنِیۡبُ ﴿۱۳﴾ (الشوريٰ: ۱۳)

(١٣) توهان جي لاءِ هن اهوئي دين مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم هن حضرت نوح کي ڏنو هو ۽ جو توڏي به وحي جي وسيلي موڪليو ويو آهي ۽ جنهن جو حڪم حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ کي به ڏنو هوسين. (اهو حڪم هي هو) ته (اسان جي سيکاريل) دين تي قائم ۽ محڪم رهو ۽ ان ۾ ڦوٽ نه وجهو ۽ فرقا نه ٺاهيو. (اي پيغمبر!) تون جنهن دين ڏي (ماڻهن کي) سڏين ٿو سو مشرڪن کي ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. الله تعاليٰ جن کي (سندن اخلاص ۽ فرمانبرداريءَ لاءِ) چونڊي کڻي ٿو، ۽ جيڪي ڏانهس رجوع ٿين ٿا تن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي.