مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

نااميد، ناشڪرا ۽ ٻٽاڪي نه بڻجو

وَ لَئِنۡ اَذَقۡنَا الۡاِنۡسَانَ مِنَّا رَحۡمَۃً ثُمَّ نَزَعۡنٰہَا مِنۡہُ ۚ اِنَّہٗ لَیَـُٔوۡسٌ کَفُوۡرٌ ﴿۹﴾ وَ لَئِنۡ اَذَقۡنٰہُ نَعۡمَآءَ بَعۡدَ ضَرَّآءَ مَسَّتۡہُ لَیَقُوۡلَنَّ ذَہَبَ السَّیِّاٰتُ عَنِّیۡ ؕ اِنَّہٗ لَفَرِحٌ فَخُوۡرٌ ﴿ۙ۱۰﴾ (هود: ۹، ۱۰)

(٩) ۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پاڻ وٽان رحمت جو مزو چکايون ٿا (يعني ڪا نعمت بخشيون ٿا) ۽ وري اها هٽائي ڇڏيون ٿا ته هو هڪدم مايوس ۽ ناشڪر ٿي وڃي ٿو. (١٠) ۽ جيڪڏهن کيس ڏک پهچي ٿو ۽ ان بعد کيس راحت جو مزو ٿا چکايون ٿا ته پوءِ (هڪدم غافل ٿي وڃي ٿو ۽) چوي ٿو ته هاڻي خرابيون مون کان ڀڄي ويون (هاڻي ڪهڙو غم آهي) حقيقت هيءَ آهي ته انسان (ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي) خوشيءِ ۾ ڀرجي وڃي ٿو ۽ ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو.