تهجد جو وقت، نماز ۾ تلاوت ۽ خرچ جو حڪم
(٢٠) (اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ڄاڻي ٿو ته، تون رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو (عبادت ۽ تربيت لاءِ) بيهين ٿو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽين پتي ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن، تن مان هڪ جماعت (به تو سان گڏ بيهي ٿي) ۽ الله رات ۽ ڏينهن جو اندازو ڪري ٿو. ان ڄاتو ته اوهين ان کي (دائمي طرح) پورو ڪري ڪين سگهندو. (اڳيون حڪم هنگامي تيارين لاءِ هو، خدا اوهان تي آسانيون چاهي ٿو) ان ڪري اوهان تي مهرباني ڪيائين، پوءِ جيترو (حصو) آسان ٿئي، اوترو قرآن پڙهو. ان ڄاتو ته اوهان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا الله جي فضل (روزگار وغيره جي) تلاش ڪرڻ لاءِ زمين ۾ مسافري ڪندا. ۽ ٻيا الله جي رستي ۾ جنگ ڪندا، ان ڪري جيترو آسان ٿئي اوترو قرآن پڙهو. ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ (خير جي صورت ۾) الله کي چڱو قرض ڏيو (جيڪو اوهان کي ڪيترا ڀيرا وڌي ملندو) ۽ جا به ڀلائي پنهنجي لاءِ (آخرت جو ذخيرو ڪري) اڳي موڪليندؤ، تنهن کي الله وٽ چڱو ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندؤ، ۽ (اهو طريقو آهي جنهن سان) الله کان (دنيا ۽ آخرت ۾ درپيش خطرن جي) معافي گهرو. بيشڪ الله (سڀني خطرن کان بچائي) گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.