الله جي رستي ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم
یُحِبُّ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۱۹۵﴾ (البقره: ۱۹۵)
(١٩٥) ۽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪيو. (ائين نه ٿئي جو جهاد لاءِ پئسا وغيره نه ڏيڻ سان) پنهنجي هٿن سان پاڻ کي پاڻ برباد ڪري ڇڏيو. (يعني دشمن غالب پوندو ته اوهان جو مال ملڪيت بلڪ اوهان جون جانيون به چٽ ٿي وينديون) ۽ هميشه چڱايون ڪندا رهو. بيشڪ الله تعاليٰ انهن سان حب ٿو رکي جيڪي چڱايون ٿا ڪن.
****
مَنۡ ذَا الَّذِیۡ یُقۡرِضُ اللّٰہَ قَرۡضًا حَسَنًا فَیُضٰعِفَہٗ لَہٗۤ اَضۡعَافًا کَثِیۡرَۃً ؕ
وَ اللّٰہُ یَقۡبِضُ وَ یَبۡصُۜطُ ۪ وَ اِلَیۡہِ تُرۡجَعُوۡنَ ﴿۲۴۵﴾ (البقره: ۲۴۵)
(٢٤٥) ڪير آهي جو الله تعاليٰ کي خوشيءِ سان سهڻو قرض ڏئي جو قرض الله تعاليٰ کيس موٽائي ڏئي (جهاد لاءِ يا ٻيءَ طرح خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ آهي خدا کي سهڻو قرض ڏيڻ، جنهن جي عيوض بي شمار برڪتون ۽ نعمتون حاصل ٿين ٿيون) ۽ (تنگدستيءَ کان نه ڊڄو) الله ئي تنگدستي ۽ ڪشادو رزق ڏيندڙ آهي ۽ آخر ته انهيءَ جي طرف موٽڻو اٿوَ.
****
وَ یَسۡـَٔلُوۡنَکَ مَا ذَا یُنۡفِقُوۡنَ ۬ؕ قُلِ الۡعَفۡوَؕ کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللّٰہُ لَکُمُ الۡاٰیٰتِ
لَعَلَّکُمۡ تَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱۹﴾ۙ (البقره: ۲۱۹)
۽ توکان پڇن ٿا ته حق جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪيون؟. انهن ڪي چئو ته جيڪي توهان جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي سوخرچ ڪيو، ڏسو ته ڪيئن الله تعاليٰ پنهنجون نشانيون ۽ هدايتون چٽيون ڪري ٿو ٻڌائي. انهيءَ لاءِ ته دنيا ۽ آخرت جي مسئلن ۽ مصلحتن جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪيو.
****
وَ مَثَلُ الَّذِیۡنَ یُنۡفِقُوۡنَ اَمۡوَالَہُمُ ابۡتِغَآءَ مَرۡضَاتِ اللّٰہِ وَ تَثۡبِیۡتًا مِّنۡ اَنۡفُسِہِمۡ کَمَثَلِ جَنَّۃٍۭ بِرَبۡوَۃٍ اَصَابَہَا وَابِلٌ فَاٰتَتۡ اُکُلَہَا ضِعۡفَیۡنِ ۚ فَاِنۡ لَّمۡ یُصِبۡہَا وَابِلٌ فَطَلٌّ ؕ وَ اللّٰہُ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ بَصِیۡرٌ ﴿۲۶۵﴾ (البقره: ۲۶۵)
(٢٦٥) (ان جي ابتڙ) جيڪي ماڻهو الله جي راضپي جي لاءِ ۽ پنهنجي دل جي خوشي ۽ ثبات سان پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا انهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪڙي آئٺي تي لڳايل باغ، انهيءَ تي چڱو مينهن وسيو ته ٻيڻا ڦل ڦول پيدا ٿي ويا ۽ جيڪڏهن زور سان مينهن نه وسيو ته هلڪيون بوندون به هن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.
****
اَلَّذِیۡنَ یُنۡفِقُوۡنَ اَمۡوَالَہُمۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ثُمَّ لَا یُتۡبِعُوۡنَ مَاۤ اَنۡفَقُوۡا مَنًّا وَّ لَاۤ اَذًی ۙ لَّہُمۡ اَجۡرُہُمۡ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ ۚ وَ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ ﴿۲۶۲﴾ (البقره: ۲۶۲)
(٢٦٢) جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح خرچ ڪن ٿا جو نڪي وٺندڙن تي ٿورو ٿڦن ٿا ۽ نه وري وري احسان جي يادگيري ڏيارين ٿا، نڪي احسان ڪرڻ بعد ڪنهن به نموني سندن دل ڏکائن يا کين ايذاءُ پهچائن ٿا انهن ماڻهن کي الله تعاليٰ وٽان سندن عمل جو اجر ملندو هنن کي نڪي ڪنهن قسم جو خوف خطرو رهندو نه غمگيني.
****
وَ اَنۡفِقُوۡا مِنۡ مَّا رَزَقۡنٰکُمۡ مِّنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَ اَحَدَکُمُ الۡمَوۡتُ فَیَقُوۡلَ رَبِّ لَوۡ لَاۤ اَخَّرۡتَنِیۡۤ اِلٰۤی اَجَلٍ قَرِیۡبٍ ۙ فَاَصَّدَّقَ وَ اَکُنۡ مِّنَ الصّٰلِحِیۡنَ ﴿۱۰﴾ (المنافقون: ۱۰)
(١٠) ۽ جو اوهان کي اسان رزق ڏنو آهي سو هن کان اڳي خرچ ڪريو جو اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي وڃي پوءِ (حسرت ڪري) چوي ته، اي منهنجا پاليندڙ! جيڪر مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڏئين ها ته خيرات ڪريان ها ۽ (انهن چڱن ماڻهن مان ٿيان ها! (جيڪي تنهنجي نظام ۽ مخلوق لاءِ خرچ ڪري، انسانيت کي سنوارين ۽ پنهنجي ذات کي سرخرو ڪن ٿا.)
****
فَاتَّقُوا اللّٰہَ مَا اسۡتَطَعۡتُمۡ وَ اسۡمَعُوۡا وَ اَطِیۡعُوۡا وَ اَنۡفِقُوۡا خَیۡرًا لِّاَنۡفُسِکُمۡ ؕ وَ مَنۡ یُّوۡقَ شُحَّ نَفۡسِہٖ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۶﴾ اِنۡ تُقۡرِضُوا اللّٰہَ قَرۡضًا حَسَنًا یُّضٰعِفۡہُ لَکُمۡ وَ یَغۡفِرۡ لَکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ شَکُوۡرٌ حَلِیۡمٌ ﴿ۙ۱۷﴾ عٰلِمُ الۡغَیۡبِ وَ الشَّہَادَۃِ الۡعَزِیۡزُ الۡحَکِیۡمُ ﴿٪۱۸﴾ (التغابن: ۱۸-۱۶)
(١٦) سو جيترو ٿي سگهيو اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جا احڪام) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ (پنهنجي ڪمائي خدا جي پالڻهاريءَ وانگر کليل رکي) خرچ ڪريو ته اوهانجي نفسن جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪي (ٻين جي ضرورت کي پنهنجي وس آهر نظرانداز نه ڪندا ۽) پنهنجي نفسن جي حرص کان بچايا ويندا، سي ئي ڪامياب آهن. (١٧) (الله جي چوڻ تي هلي ٻين جون ضرورتون پوريون ڪري) جيڪڏهن اوهين الله کي چڱو قرض ڏيندو ته هو اوهان کي اهو (قرض) گهڻو وڌائي ڏيندو ۽ اوهان کي (نقصانن کان) بخشيندو. ۽ الله وڏو قدردان (ماڻهن جي ڪوتاهي ڪرڻ تي) بردبار آهي. (١٨) ڳجهه ۽ ظاهر (۾ اوهانجي نيتن ۽ جَذبن) کي ڄاڻڻ وارو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
****
وَ ابۡتَغِ فِیۡمَاۤ اٰتٰىکَ اللّٰہُ الدَّارَ الۡاٰخِرَۃَ وَ لَا تَنۡسَ نَصِیۡبَکَ مِنَ الدُّنۡیَا وَ اَحۡسِنۡ کَمَاۤ اَحۡسَنَ اللّٰہُ اِلَیۡکَ وَ لَا تَبۡغِ الۡفَسَادَ فِی الۡاَرۡضِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۷۷﴾
(القصص: ۷۷)
(٧٧) ۽ (قارون کي هيئن به چيائون ته) الله تعاليٰ جيڪو توکي هيترو رزق ۽ مال دولت ڏني آهي تنهن سان (تون سخاوت ڪري) آخرت جي گهر (يعني جنت) لاءِ تلاش (۽ طلب) ڪر، ۽ دنيا ۾ جيڪو تنهنجو حصو آهي سو به نه ويسار (يعني پنهنجي دولت مان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد ۽ مائٽن جي جسم، دل ۽ دماغ جي سڌاري ۽ واڌاري ۽ خوشحال رهڻ لاءِ به خرچ ڪر) ۽ جيئن الله تعاليٰ توتي احسان ڪيو آهي، تيئن تون به (ماڻهن تي) احسان ڪر ۽ نه (اٽلندو) ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو مچاءِ، يقيناً الله تعاليٰ فساد ۽ بگاڙو مچائيندڙن کي ناپسند ٿو ڪري.
****
اٰمِنُوۡا بِاللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ وَ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَکُمۡ مُّسۡتَخۡلَفِیۡنَ فِیۡہِ ؕ فَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مِنۡکُمۡ وَ اَنۡفَقُوۡا لَہُمۡ اَجۡرٌ کَبِیۡرٌ ﴿۷﴾ (الحديد: ۷)
(٧) (سو) الله ۽ سندس رسول ۾ ايمان آڻيو، ۽ جن شين جو اوهان کي وارث ڪيو اٿس تن مان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو. پوءِ اوهان مان جيڪي ايمان ٿا آڻين ۽ (خدا جي راهه ۾) خرچ ٿا ڪن تن لاءِ وڏو اجر آهي (۽ کين دنيا ۽ آخرت ۾ وڏيون نعمتون ملنديون.
****
اِنَّ الۡمُصَّدِّقِیۡنَ وَ الۡمُصَّدِّقٰتِ وَ اَقۡرَضُوا اللّٰہَ قَرۡضًا حَسَنًا یُّضٰعَفُ لَہُمۡ وَ لَہُمۡ
اَجۡرٌ کَرِیۡمٌ ﴿۱۸﴾ (الحديد: ۱۸)
(١٨) يقيناً جيڪي مرد ۽ عورتون صدقا ڏيندڙ آهن ۽ الله تعاليٰ کي سهڻو قرض ٿا ڏين تن کي ٻيڻو (ٽيڻو بلڪ ڏهوڻو) ملندو ۽ انهن کي ان کان سواءِ ٻيو به وڏو شاندار اجر ملندو.
****
اِنَّ سَعۡیَکُمۡ لَشَتّٰی ؕ﴿۴﴾ فَاَمَّا مَنۡ اَعۡطٰی وَ اتَّقٰی ۙ﴿۵﴾ وَ صَدَّقَ بِالۡحُسۡنٰی ۙ﴿۶﴾ فَسَنُیَسِّرُہٗ لِلۡیُسۡرٰی ؕ﴿۷﴾ (الليل: ۴ کان ۷)
(٤) ته اوهان جون ڪوششون (به ائين الڳ رخن ۾ ٿيندڙ ۽) مختلف آهن. (٥) (انهيءَ فرق جي باوجود به رات ۽ ڏينهن ۽ نر ۽ مادي هڪ ٻئي لاءِ مفيد بڻجن ٿا) پوءِ جنهن شخص (سڀني انسانن کي الله جو ڪٽنب ڄاڻي انهن ۾) پنهنجي ڪمائي ورهائي ۽ الله کان ڊنو. (٦) ۽ (هن دنيا ۾ الله جي نيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي سچو سمجهيو. (٧) ته ان کي (انهيءَ چڱي ڳالهه لاءِ) تمام آسان رستي (تي هلڻ) جر توفيق ڏينداسون.
****
قُلۡ لِّعِبَادِیَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا یُقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَ یُنۡفِقُوۡا مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً مِّنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَ یَوۡمٌ لَّا بَیۡعٌ فِیۡہِ وَ لَا خِلٰلٌ ﴿۳۱﴾ (ابراهيم: ۳۱)
(٣١) (اي پيغمبر!) منهجي بندن مان جن ايمان آندو آهي تن کي هيءُ پيغام پهچائي ڏي ته انهيءَ کان اڳي جو اهو (خوفناڪ) ڏينهن اچي ظاهر ٿئي جنهن ڏينهن (ڇوٽڪاري لاءِ) نڪي ڪنهن قسم جو ڏيڻ وٺڻ ڪم ايندو، نڪي ڪنهن به طرح جي دوستي ڪم ايندي (پنهنجي لاءِ ڇوٽڪاري جو سامان ڪري وٺن يعني) نماز قائم ڪن ۽ اسان جي ڏنل روزيءَ مان ظاهر توڙي ڳجهيءَ طرح (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن.