نعمتن جي ڪفر جي سزا ۽ تقويٰ جي جزا
(٢١١) بني اسرائيلن کان پڇو ته اسان هنن کي سچائي جون ڪيتريون نه چٽيون نشانيون ڏنيون هيون ۽ جيڪڏهن ڪوئي هنن وانگر خدا جي ڏنل نعمت (صحيح هدايتن) کي مٽائي (باطل ۽ برائي جي واٽ) وٺي ٿو ته پوءِ خدا جو جزا ۽ سزا وارو قانون به سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي. (٢١٢) ڪافرن کي هن دنيا جي (عيش عشرت واري) زندگي تمام سهڻي ۽ وڻندڙ ٿي لڳي. هو ايمان وارن جي (هاڻوڪي مسڪينائي جي حالت ڏسي) مسخري ٿا ڪن، پر اهي پرهيزگار مسڪين قيامت جي ڏينهن هنن (ڪافرن) جي ڀيٽ ۾ وڏي مرتبي وارا هوندا. (حق جا منڪر ايترو به نٿا ڄاڻن ته اهي مسڪين خدا جي فضل سان سڀاڻي مالدار ٿي سگهن ٿا) الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي بي حساب گهڻو رزق ڏئي ٿو.