مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ايمان وارن لاءِ بشارت

اَلتَّآئِبُوۡنَ الۡعٰبِدُوۡنَ الۡحٰمِدُوۡنَ السَّآئِحُوۡنَ الرّٰکِعُوۡنَ السّٰجِدُوۡنَ الۡاٰمِرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ النَّاہُوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ الۡحٰفِظُوۡنَ لِحُدُوۡدِ اللّٰہِ ؕ وَ بَشِّرِ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۱۱۲﴾
(التوبه: ۱۱۲)

(١١٢) (انهن مؤمنن جي وصفن ۽ عملن جو حال هي آهي جو هو پنهنجي ڀل چڪ ۽ خطائن کان) توبه ڪندڙ (يعني اصلاح ڪندڙ)، عبادت (يعني سڀني حڪمن جي فرمانبرداري) ڪندڙ، الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا ڪندڙ (يعني الله تعاليٰ جون صفتون بيان ڪندڙ ۽ انهن تي عمل ڪندڙ)، سير ۽ سفر ڪندڙ، (۽ عبرت وٺندڙ) ۽ رڪوع ڪندڙ ۽ سجدي ۾ جهڪندڙ، نيڪيون ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ، برائين کان روڪيندڙ ۽ الله تعاليٰ جي ٺهرايل حدن جي حفاظت ڪندڙ آهن. (اي پيغمبر! اهي ئي سچا مؤمن آهن) ۽ مؤمنن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.