مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خدا کان معافي ۽ توبهه جي ضرورت

وَّ اَنِ اسۡتَغۡفِرُوۡا رَبَّکُمۡ ثُمَّ تُوۡبُوۡۤا اِلَیۡہِ یُمَتِّعۡکُمۡ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰۤی اَجَلٍ مُّسَمًّی وَّ یُؤۡتِ کُلَّ ذِیۡ فَضۡلٍ فَضۡلَہٗ ؕ وَ اِنۡ تَوَلَّوۡا فَاِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ کَبِیۡرٍ ﴿۳﴾
(هود: ۳)

(٣) ۽ هي (اعلان آهي) ته، پنهنجي پروردگار کان معافي گهرو ۽ ڏانهس موٽو. (ائين ڪندؤ ته) هو توهان کي هڪ مقرر وقت تائين زندگيءَ جي فائدن سان بلڪل چڱيءَ طرح نوازيندو ۽ (پنهنجي قانون مطابق) هرهڪ زياده (عمل) ڪرڻ واري کي سندس وڌيڪ ڪوشش جو اجر به ڏيندو. پر جيڪڏهن (خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ کان) منهن موڙيندؤ ته مون کي ڊپ آهي ته توهان تي عذاب جو وڏو ڏينهن نه اچي وڃي.
****

فَاصۡبِرۡ اِنَّ وَعۡدَ اللّٰہِ حَقٌّ وَّ اسۡتَغۡفِرۡ لِذَنۡۢبِکَ وَ سَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ بِالۡعَشِیِّ
وَ الۡاِبۡکَارِ ﴿۵۵﴾ (المومن: ۵۵)

(٥٥) (اي پيغمبر! ڪافر وغيره تنهنجي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن) پر تون ثابت قدم رهه. يقين ڄاڻ ته الله تعاليٰ جو واعدو سچو آهي (ته تون ڪامياب ٿيندين ۽ منڪر خوار خراب ٿيندا) ۽ تون پنهنجي (بشري) ڪمزورين کان الله جي پناهه وٺ (ته اهي دفع ٿي وڃن) ۽ صبح شام (هر وقت) پنهنجي پروردگار جي پاڪائي ۽ صفتون بيان ڪندو رهه.