مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

انصاف ڪرڻ جو حڪم

وَ اِنۡ حَکَمۡتَ فَاحۡکُمۡ بَیۡنَہُمۡ بِالۡقِسۡطِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الۡمُقۡسِطِیۡنَ ﴿۴۲﴾ (المائده: ۴۲)

پر جيڪڏهن فيصلو ڪرين ته پوءِ هنن جي وچ ۾ بلڪل انصاف سان فيصلو ڪر (اهو خيال نه ڪر ته هو شرير يا ڪافر آهن) بيشڪ الله تعاليٰ انصاف ڪندڙن کي حب ٿو ڪري .

****

لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا رُسُلَنَا بِالۡبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلۡنَا مَعَہُمُ الۡکِتٰبَ وَ الۡمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالۡقِسۡطِ ۚ وَ اَنۡزَلۡنَا الۡحَدِیۡدَ فِیۡہِ بَاۡسٌ شَدِیۡدٌ وَّ مَنَافِعُ لِلنَّاسِ وَ لِیَعۡلَمَ اللّٰہُ مَنۡ یَّنۡصُرُہٗ وَ رُسُلَہٗ بِالۡغَیۡبِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ قَوِیٌّ عَزِیۡزٌ ﴿٪۲۵﴾ (الحديد: ۲۵)

(٢٥) هيءَ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي رسولن کي چٽين نشانين (۽ چٽن حڪمن) سان موڪليو ۽ انهن سان گڏ ڪتاب ۽ تارازي نازل ڪئي سين انهيءَ ته ماڻهو عدل ۽ انصاف تي قائم رهن ۽ پڻ الله تعاليٰ لوهه نازل ڪيو آهي (يعني عطا ڪيو آهي) جنهن سان سخت لڙائي ڪري ٿي سگهجي ۽ جنهن ۾ ماڻهن لاءِ گهڻائي فائدا رکيل آهن ۽ (اهي ٽيئي شيون) هن لاءِ (عطا ڪيل آهن) ته الله تعاليٰ ڏسي وٺي ته ڪهڙا ماڻهو (انهن ٽن شين سان) کيس ۽ سندس رسولن کي اڻ ڏٺي مدد ڪن ٿا (۽ اهو خيال نٿا ڪن ته اسان جي حق جي راهه ۾ مدد ٻيا ماڻهو ڏسن ٿا يا نه) يقيناً الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو ۽ زبردست غالب آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.)