مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

طلاق ڏيڻ ۽ خلع وٺڻ جو حڪم

اَلطَّلَاقُ مَرَّتٰنِ۪ فَاِمۡسَاکٌۢ بِمَعۡرُوۡفٍ اَوۡ تَسۡرِیۡحٌۢ بِاِحۡسَانٍ ؕ وَ لَا یَحِلُّ لَکُمۡ اَنۡ تَاۡخُذُوۡا مِمَّاۤ اٰتَیۡتُمُوۡہُنَّ شَیۡئًا اِلَّاۤ اَنۡ یَّخَافَاۤ اَلَّا یُقِیۡمَا حُدُوۡدَ اللّٰہِ ؕ فَاِنۡ خِفۡتُمۡ اَلَّا یُقِیۡمَا حُدُوۡدَ اللّٰہِ ۙ فَلَا جُنَاحَ عَلَیۡہِمَا فِیۡمَا افۡتَدَتۡ بِہٖ ؕ تِلۡکَ حُدُوۡدُ اللّٰہِ فَلَا تَعۡتَدُوۡہَا ۚ وَ مَنۡ یَّتَعَدَّ حُدُوۡدَ اللّٰہِ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۲۲۹﴾ (البقره: ۲۲۹)

(٢٢٩) طلاق (جنهن کان پوءِ وري رجوع ڪري سگهجي ٿو) ٻه ڀيرا ٿي سگهي ٿي. پوءِ مرد يا ته انصاف ۽ چڱيءَ سلوڪ سان زال کي پاڻ وٽ زال ڪري رکي يا ته (ٽيون ڀيرو طلاق ڏيئي) سهڻي سلوڪ سان هن کان جدا ٿئي ۽ توهان جي لاءِ جائز ناهي ته جيڪي توهان پنهنجي زالن کي (مهر ۽ ٻيون سوکڙيون، زيور، ڪپڙا وغيره) ڏيئي ڇڏيو آهي تنهن مان ڪجهه طلاق ڏيڻ وقت موٽائي وٺو. پر جيڪڏهن ٻنهي کي انديشو ٿئي ته الله جا ٺهرايل حق ۽ واجب ادا ٿي نه سگهندا ته پوءِ هڪ ٻئي سان انهن ڏنل شين بابت راضي نامون ڪري سگهن ٿا. پوءِ توهان کي سچ پچ اهڙو انديشو هجي ته الله جا ٺهرايل حق ۽ واجب ادا ٿي نه سگهندا ته پوءِ ٻنهي تي ڪو گناهه ناهي، جيڪڏهن زال (پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ) عيوضي ۾ ڪجهه ڇڏي ڏئي. (۽ مڙس اهو وٺي جدا ٿيڻ تي راضي ٿي وڃي) ۽ ياد رکو ته اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن پوءِ متان انهن کان ٻاهر قدم کڻو. جيڪو به الله تعاليٰ جي ٺهرايل حدن کان ٻاهر ويندو ته پوءِ اهڙا ئي ماڻهو آهن جي ظلم ڪندڙ آهن.