مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

تقويٰ ۽ توڪل وارن لاءِ بي حساب رزق

وَّ یَرۡزُقۡہُ مِنۡ حَیۡثُ لَا یَحۡتَسِبُ ؕ وَ مَنۡ یَّتَوَکَّلۡ عَلَی اللّٰہِ فَہُوَ حَسۡبُہٗ ؕ اِنَّ اللّٰہَ بَالِغُ اَمۡرِہٖ ؕ قَدۡ جَعَلَ اللّٰہُ لِکُلِّ شَیۡءٍ قَدۡرًا ﴿۳﴾ (الطلاق: ۳)

(٣) (ان مسئلي ۾ مالي مشڪلاتون آيس ته) ان کي اتان روزي ڏيندو جتان گمان به نه هوندس ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو ته الله ان (جي ساٿ ڏيڻ) لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي (پنهنجي قانون سان) پورو ڪرڻ وارو آهي. الله سڀ ڪنهن شيءِ جو اندازو ڪري ڇڏيو آهي.