ناشڪري نه ڪيو
(١٥٢) تنهن ڪري مون کي هر وقت ياد ڪندا رهو (۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهو) مان به توهان کي نه وساريندس (اوهان کي اجر ۽ ڪاميابي ڏيندس) ۽ منهنجي نعمتن جو (عملاً) قدر ڪريو ۽ بي شڪر نه ٿجو.
****
وَ اِذۡ تَاَذَّنَ رَبُّکُمۡ لَئِنۡ شَکَرۡتُمۡ لَاَزِیۡدَنَّکُمۡ وَ لَئِنۡ کَفَرۡتُمۡ اِنَّ عَذَابِیۡ لَشَدِیۡدٌ ﴿۷﴾
(ابراهيم: ۷)
(٧) (۽ اوهان اهو وقت وساري ڇڏيو آهي ڇا) جڏهن اوهان جي پروردگار (پنهنجي هن قانون جو) اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته مان اوهان کي اڃا به زياده نعمتون بخشيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ ياد رکو ته منهنجو عذاب به ڏاڍو سخت عذاب آهي.