عدت ۽ رضاعت جا ڪجهه حڪم
(٦) اوهين انهن (زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهيا پيا آهيو. ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ نه ايذايو، ۽ جيڪڏهن پيٽ سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو، جيستائين پنهنجو ٻار ڄڻين. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي لاءِ (ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن اجرت ڏيو! ۽ رواج موجب (انهن معاملن تي) پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪريو، ۽ جيڪڏهن (ان ڳالهه تي) اتفاق نه ٿئي ته پوءِ (ٻار کي) ڪا ٻي (عورت) کير پياريندي. (٧) (مطلقه جو خرچ يا کير پيارڻ جي لاءِ) ڪشادگيءَ وارو پنهنجي ڪشادگي آهر خرچ ڪري، ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جيڪو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن شخص کي تڪليف نٿو ڏئي، پر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنو اٿس. (جيڪڏهن ان عمل سان وقتي تنگي ٿي ته) الله تنگيءَ کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو.