گناهه، زيادتي ۽ نافرماني جي پچر نه ڪريو
(٩) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ڪريو ته (منافقن وانگر) گناهه ۽ الله جي حدن کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرمانيءَ جون ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين (خدائي قانونن جي نگهباني ۽ انساني فلاح جو سوچي) ڀلائي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ٻولهيون (۽ رٿابنديون) ڪريو، ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن اوهان کي (حساب ڪتاب ڏيڻ واسطي) گڏ ڪيو ويندو. (١٠) اها (منافقن) ڳجهي ڳالهه ٻولهه ته شيطان جي طرفان ئي آهي. هن لاءِ ته ايمان وارن کي غمگين ڪري ۽ اها انهن کي ڪجهه به نقصان پهچائڻ واري نه آهي، الله جي حڪمن کان سواءِ. ۽ الله تي ايمان وارا هر ڳالهه ۾ ڀروسو ڪن.