مشرڪ کي پناهه ڏيڻ
(٦) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو ماڻهو اچي ۽ اوهان کان پناهه گهري ته کيس ضرور پناهه ڏيو تيستائين جيستائين هو (چڱيءَ طرح) الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، پوءِ کيس (سلامت) سندس امن واري جاءِ تي پهچايو. هيءُ حڪم هن ڪري ضروري ٿيو جو اهي ماڻهو (اسلام جي حقيقت کان) بي خبر آهن.